گوادر: گوادر ايئرپورٽ جو ريڊيو نيويگيشن نظام (DVOR) فني خرابي سبب عارضي طور بند ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري اها سهولت 16 جون تائين دستياب نه هوندي.پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي (PAA) موجب خرابي بابت هوائي عملي کي آگاهه ڪرڻ لاءِ نوٽم (NOTAM) جاري ڪيو ويو آهي. نوٽم ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هوائي رهنمائي جو هي اهم نظام عارضي طور معطل رهندو، جڏهن ته خرابي دور ڪرڻ لاءِ فني ماهر ڪم ڪري رهيا آهن.اختيارين پروازن جي محفوظ اچ وڃ کي يقيني بڻائڻ لاءِ متبادل طريقيڪار اختيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. پي اي اي موجب نيويگيشن نظام جي بحالي تائين سمورا هوائي آپريشن متبادل انتظامن تحت جاري رهندا.