سکر سندھ سوسائٽي ۾ اقليتي برادري جو برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ء انھن کي نظر انداز ڪرڻ خلاف شڪارپور روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو خبر موجب اقليتي برادري جي ماڻھن گندي پاڻي ۾ پکڙيل عورتن ۽ ٻارڙن سميت شڪارپور روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندڙن چيو ته چونڊيل نمائندن ۽ بيوروڪريسي بنگلن ۾ شاھانه زندگي گزاري رهيا آھن ۽ غريب ووٽر گندگي جي ڍير ۾ زندگي گذاري رهيا آهن اسان جي گھرن جو گندو پاڻي هڪ مهيني کان وڌيڪ گذرڻ باوجود نيڪال نه ٿي سگھيو آھي ميونسپل نمائندن پاران فوٽو سيشن ۽ لولي پاپ ڏئي هليا ٿا وڃن اسان جي ٻارڙن وڏن ۾ ريا،ڏينگي،گيسٽرو جون بيماريون پکڙجڻ لڳيون آھن ء اسان وٽ ايتري به حيثيت ناهي جو اسان پنھنجو علاج ڪرائي سگھون اسان اگر مسلمان ناھيون انسان ته آهيون اسان سان جانورن جھڙو ورتاء ڇو ٿو ڪيو وڃي ايترا ڏينهن گزرڻ باوجود اڄ تائين ڪو ماڻھون اسان وٽ لڙي نه آيو آهي ته شايد ھي به انسان آهن انھن جا به معصوم ٻچڙا آھن افسوس سان ٿو چوڻو پئي ته اسان جي معاشري۾ صرف اسان سان ئي ناانصافي ڇو ڪئي ويندي آھي هنن چيو ته اسان جي نمائندن کي گهرجي ته ڊرامان بند ڪري عوام جا حقيقي مسئلا حل ڪيا وڃن
