مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف خلاف پشاور ۾ به ڪيس داخل

پشاور: م سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جاويد لطيف ۽ پي ٽي وي اختيارين خلاف پشاور ۾ به ڪيس داخل ڪيو ويو وفاقي وزير مريم اورنگزيب ليگي اڳواڻ ميان جاويد لطيف ۽ پي ٽي وي چيئرپرسن خلاف تحريڪ انصاف جي ڪارڪن رحمان الله جي درخواست تي ڪيس داخل ڪيو ويو پوليس موجب رحمان بابا پوليس اسٽيشن ۾ داخل ايف آءِ آر ۾ مختلف نوعيت جا 10 قلم شامل ڪيا ويا آهن ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته 14 سيپٽمبر تي پي ٽي وي تي هڪ پريس ڪانفرنس نشر ڪئي وئي جنهن کي مريم اورنگزيب ۽ ميان جاويد لطيف جي چوڻ تي سرڪاري ٽي وي تي هلايو ويو پي ٽي وي اختيارين سهيل علي شاهره شاهد سچائي کان هٽي ڪري عمران خان جي تقرير جا ايڊيٽڊ ڪلپس هلايا ياد رهي ته گذريل ڏينهن لاهور ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جاويد لطيف خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو

پنھنجي راءِ لکو