اسلام آباد : تحريڪ انصاف جي امڪاني احتجاج ۽ ڌرڻي کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد انتظاميا سيڪيورٽي جا انتظام شروع ڪري ڏنا آهن ڊي چوڪ کي ڪنڊيدار تارون ۽ ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي اسلام آباد پوليس جي ترجمان چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن پنهنجا سياسي مطالبا مڃرائڻ لاءِ پنجاب کان وفاق جو رخ ڪيو آهي ڪنهن به امڪاني لا اينڊ آرڊر صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ريڊ زون جي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي ترجمان موجب اسلام آباد ۾ ريڊ زون ۾ داخل۽ ٻاهر وڃڻ وارن رستن تي پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي شهر ۾ قلم 144 لاڳو آهي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانون موجب منهن ڏنو ويندو ذريعن موجب اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي لاءِ اسلام آباد پوليس صوبن کان پوليس رينجرز ۽ ايف سي جا 30 هزار اهلڪار گهري ورتا آهن اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ وارن رستن تي سوين ڪنٽينر لڳائڻ سان گڏوگڏ خندقون به کوٽيون وينديون ذريعن موجب اضافي ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس اڇليندڙ ڊرونز به گهرايا ويندا جڏهن ته ايف سي جا 3 هزار اهلڪار اسلام آباد پهچي چڪا آهن ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اڃان تائين نفري ڏيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو
