اسلام آباد : انجلينا جولي چيو آهي ته مون اهڙي تباهي پنهنجي زندگي ۾ ڪٿي ناهي ڏٺي پاڪستان ۾ جيڪا صورتحال آهي دنيا کي ان تي جاڳڻ گهرجي جيڪا تباهي ٿي آهي دنيا کي ان جو اندازو ئي نه آهي ٻوڏ متاثرين لاءِ پاڪستان ايندڙ گڏيل قومن جي خصوصي سفير انجلينا جولي نيشنل فلڊ رسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر جو دورو ڪيو هن پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين تي دنيا جو ڌيان ڏيارڻ جو ارادو ظاهر ڪيو هالي ووڊ اداڪاره انجلينا جولي بدترين تباهي عوام جي پريشانين ۽ پاڪ فوج جي ريليف آپريشن جي حقيقي منظر ڪشي پيش ڪئي هن چيو ته ڪابه امدادي سرگرمي ڏٺي ته اها پاڪ فوج ڪري رهي آهي هر جڳهه پاڪ فوج کي عوام جي مدد ڪندي ۽ غريب ماڻهن جون حياتيون بچائيندي ڏٺو هن چيو ته جن حياتين کي بچايو ويو ان سان ڳالهه ڪئي پر اڃان اهي محفوظ نه آهن جيڪا تباهي ٿي آهي دنيا کي ان جو اندازو ئي نه آهي ايندڙ هفتن دوران مدد نه پهتي ته بچي ويل به هاڻ نه بچندا هن چيو ته مون اهڙي تباهي پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن ناهي ڏٺي زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا ان انسانن ۾ بيشمار ٻار آهن متاثرين کي خوراڪ شيلٽر طبي سهولتن جي هنگامي ضرورت آهي هن چيو ته پهريان جڏهن به پاڪستان آيس تڏهن پاڪستاني عوام کي افغان عوام جي مهمان نوازي ڪندي ڏٺو اڄ پاڪستاني پاڻ وڏي قدرتي آفت جو شڪار آهن انجلينا جولي عالمي برادري کان پاڪستاني ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ڊومور جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جيڪا صورتحال آهي دنيا کي ان تي جاڳڻ گهرجي هي تمام گهڻن ماڻهن جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جي گهٽ ذميوار ملڪن کي تباهي ۽ فوتگين جو ٻين جي نسبت وڌيڪ منهن ڏيڻو پيو آهي مصيبت جي هن گهڙي ۾ منهنجي دل عوام سان گڏ آهي
