ڪراچي : ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ ڌرين وچ ۾ صلح نامو ٿي ويو آهي ناطم جوکيو جي وارثن طرفان سيشن ڪورٽ ملير ۾ حلف نامو جمع ڪرايو ويو آهي حلف نامو ناطم جوکيو جي والده گهر واري ۽ ٻارن طرفان جمع ڪرايو ويو حلف نامي ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن سان صلح ٿي چڪي آهي اسان کي هاڻ ڪيس ختم ڪرڻ تي ڪوبه اعتراض نه آهي عدالت قانوني وارثن بابت اخبار ۾ اشتهار شايع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عدالت نادرا کان به ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي سيشن ڪورٽ ملير ڪيس جي ٻڌڻي 15 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام اويس سميت 6 جوابدار گرفتار آهن ۽ جوابدارن مٿان اڄ فرد جرم لاڳو ڪرڻي هئي ياد رهي ته 11 سيپٽمبر تي ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ ناظم جوکيو جي والده عدالت ۾ چيو هو ته منهنجي پٽ جي قتل سان انصاف ڪيو وڃي مقتول جي والده عدالت کي ٻڌايو ته مون کان زبردستي صلح نامي ۽ ڪمپرومائيز پيپرن تي آڱوٺا هڻايا ويا
