وزيراعظم شهباز شريف جي ملالا يوسفزئي سان ملاقات

نيويارڪ : وزيراعظم شهباز شريف جي نوبيل انعام يافته ملالا يوسفزئي سان ملاقات ٿي آهي شهباز شريف ۽ ملالا يوسفزئي جي ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس جي موقعي تي ٿي ملاقات دوران وزيراعظم ڇوڪرين جي تعليم ۽ سماجي معاملن تي ملالا جي خدمتن جي تعريف ڪئي جڏهن ته شهباز شريف موسمياتي تبديلي سبب ٿيندڙ نقصانن تي روشني پڻ وڌي وزيراعظم چيو ته ڇوڪرين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ملالا فنڊ جي تعليم واري وزارت سان ڀائيواري جي تعريف ڪريون ٿا ٻئي طرف ملالا يوسفزئي وزيراعطم سان ملاقات ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجن ارادن جو اظهار ڪيو ملالا يوسفزئي ٻوڏ سبب ٿيندر نقصان خاص ڪري اسڪولن جي تباهي تي ڏک جو اطهار ڪندي عورتن جي تعليم تائين پهچ يقيني بنائڻ جي لا3 ملالا فنڊ جي حمايت جو يقين ڏياريو

پنھنجي راءِ لکو