اسلام آباد : وفاقي وزير احسن اقبال تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پنهنجي هڪ بيان ۾ ليگي اڳواڻ احسن اقبال چيو ته نارووال اسپورٽس سٽي ڪامپليڪس کي تباهه ڪرڻ تي عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪرائيندس اسپورٽس ڪامپليڪس جي بحالي لاءِ ڪيل واڌو خرچ عمران خان ۽ نيب کان ڪڍرائينداسين هن چيو ته عمران خان 4 سالن دوران پاڪستاني معيشت کي بم ٻڌي ويو آهي معيشت کي لڳايل عمران حڪومت جي بارودي سرنگن کي اسان کي صاف ڪرڻو آهي ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي وزير احسن اقبال خلاف نارووال اسپورٽس سٽي ڪامپليڪس جو ريفرنس رد ڪري ڇڏيو هو
