ريحام لنڊن پوليس کان مريم سان بدتميزي ڪندڙ پي ٽي آءِ ڪارڪنن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي گهر واري ريحام خان وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان لنڊن ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي خلاف لنڊن پوليس کان ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي
ريحام خان ٽوئٽر تي بيان جاري ڪندي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي لکيو آهي ته اهو هڪ اهڙو واقعو آهي جنهن جي اطلاع پوليس کي ڏيڻ گهرجي اهي چهرا سڃاڻپ ڪري سگهجن ٿا اهڙي طرح سان روڊ تي ڪنهن عورت جو پيڇو ڪرڻ ۽ ان کي ڪيفي ۾ حراسان ڪرڻ ڪنهن به طور تي قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي عمران خان جي اڳوڻي گهر واري لنڊن پوليس کي ٽيگ ڪندي اهو به لکيو ته بدسلوڪي ڪندڙ عورتن ۽ نوجوانن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ ريحام خان وڌيڪ چيو ته ان ماڻهن بابت پي پي ايل کي رپورٽ ڪرڻ گهرجي ان جو پيڇو ڪريو ۽ هنن جي سڃاڻپ ڪريو ڪيفي طرفان به شڪايت ڪرڻ گهرجي هنن جي سماجي روين خلاف ان قدم تي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي

پنھنجي راءِ لکو