لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جو ڪيس: عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد : اسلام آباد جي مقامي عدالت تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 13 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي عمران خان جو وڪيل بابر اعواڻ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت کي درخواست ڪئي ته عمران خان لاهور ۾ هجڻ سبب عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي ان لاءِ سندس حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي وڃي عدالت عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪندي عبوري ضمانت ۾ 13 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي ياد رهي ته عمران خان خلاف ڪوهسار ٿاڻي ۾ تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي الزام هيٺ ڪيس داخل آهي

پنھنجي راءِ لکو