پشاور : پارا چنار ۾ برساتن سبب متاثر ٿيل گهر ڪرڻ سبب 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ڪرم جي علائقي ۾ برساتن سبب متاثر ٿيل 2 ماڙ گهر پٽ پئجي ويو جنهن جي ملبي هيٺيان دٻجي 4 ٻارن سميت 5 ڄڻا فوت جڏهن ته 11 زخمي ٿي پيا ريسڪيو اختيارين موجب ضلعي ڪرم جي علائقي مسوزئي تري تنگ ۾ گذريل رات 2 ماڙ ڪچو گهر پٽ پئجي ويو جنهن سبب گهر جا سمورا ماڻهو ملبي هيٺيان دٻجي ويا ريسڪيو اهلڪارن امدادي ڪارروايون ڪندي ملبي مان پنج ڄڻن جا لاش ڪڍيا جنهن ۾ 4 ٻار ۽ 1 عورت شامل آهي جڏهن ته 11 زخمين کي به ملبي مان ڪڍيو ويو آهي جن کي صده اسپتال پهچايو ويو آهي ٻڌايو پيو وڃي ته زخمين مان 7 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي اسپتال ذريعن موجب 7 سخت زخمين کي پشاور ۽ ٻين اسپتالن ۾ پهچايو ويو آهي
