57

ڀارتي اداڪاره ديپيڪا پڊوڪون جي طبيعت اوچتو خراب اسپتال منتقل

ممبئي : بالي ووڊ جي اداڪاره ديپيڪا پڊوڪون جي طبيعت اوچتو خراب ٿيڻ سبب کيس فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ڀارتي ميڊيا موجب ديپيڪا پنهنجي نئين ايندڙ فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف هئس جتي کيس گهبراهٽ محسوس ٿي جنهن سبب کيس ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال منتقل ڪيو ويو رپورٽن موجب اداڪاره کي فوري طور تي ايڊمنٽ ڪيو ويو آهي جتي ان جا ڪيترائي ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جتي هاڻ سندس طبيعت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي ڀارتي ميڊيا موجب ان حوالي سان ديپيڪا جي ٽيم سان به رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر انهن طرفان ڪجهه به ميڊيا سان شيئر ناهي ڪيو ويو ياد رهي ته هلندڙ سال به حيدرآباد ۾ فلم جي شوٽنگ دوران ديپيڪا کي دل جي تڪليف جي شڪايت ٿي هئي جنهن کان پوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ديپيڪا پڊوڪون جي ايندڙ فلمن ۾ پٺاڻ پهرين نمبر تي آهي جنهن ۾ هو شاهه رخ خان ۽ جان ابراهيم سان گڏ نظر ايندي جڏهن ته فلم 25 جنوري 2023 تي ريليز ڪئي ويندي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو