58

آمريڪي سفير به رضوان جي بيٽنگ جو ديوانو نڪتو قذافي اسٽيڊيم وڃي ميچ ڏٺائين

لاهور : آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم به آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي جي پهرين نمبر جي رانديگر محمد رضوان جي بيٽنگ جو ديوانو نڪتو گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ميچ کيڏيو ويو ٽي ٽوئنٽي ميچ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر متحده عرب امارات جو سفير حماد عبيد ابراهيم الزابي ۽ انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ جي وائيس چيئرمين مارٽن ڊارلو قذافي اسٽيڊيم ۾ ويهي ميچ ڏٺو ان موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو ته ورلڊ ڪپ کان اڳ ٽيم کي تياري جو سٺو موقعو ملي رهيو آهي ڪرڪيٽ ڊپلوميسي جي ذريعي مختلف ملڪ ويجهو اچي رهيا آهن اي سي بي جي وائيس چيئرمين مارٽن ڊارلو جو چوڻ هو ته 17 سالن کان پوءِ پاڪستان اچي سٺو لڳو ڪراچي ۾ به تماشائين جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ لائق هو آمريڪي سفير ڊونڊ بلوم چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ويسٽ انڊيز سان گڏ ملي ميزباني ڪري رهيا آهيون ڪرڪيٽ ڊپلوميسي جي ذريعي سمورن ملڪ کي ويجهو آڻڻ ۾ آمريڪا به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ڊونلڊ بلوم جو چوڻ هو ته پاڪستان جي وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان جي بيٽنگ ڏسي مزو ايندو آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو