پنجاب جي وڏ وزارت واري دور ۾ خانداني ڪاروبار کي نقصان رسيو: شهباز شريف

پنجاب وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پنجاب جو وڏو وزير هجڻ وقت اهڙا فيصلا ڪيا جن سان خاندان ڪاروربار کي نقصان پهتو، 20 سال پنجاب جو وڏو وزير رهيس مون خلاف مني لانڊرنگ جو ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو وزيراعظم شهباز شريف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ لاهور جي اسپيشل ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، عدالت ۾ بيان ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سفارش باوجود شگر ملن کي سبسڊي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته اهوپ پنجاب جي عوام جو پئسو آهي ان سان سبسڊي نٿي ڏئي سگهجي وزيراعظم چيو ته مشڪل حالتن ۾ مونکي اهم ذميواري ڏني وئي آهي، پارٽي جي سربراهه پنهنجي سياست کي داءُ تي هڻي رياست کي بچائڻ جي ذميواري ڏني آهي، پيٽرول جي قيمت وڌي رهي آهي ملڪ ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي انڪري اسان لاءِ هڪ هڪ ڊالر قيمتي آهي شهباز شريف وڌيڪ چيو ته کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ کان روڪيو آهي ڇاڪاڻ تي کنڊ جي قيمت وڌي ته عوام مونکي معاف نه ڪندو اسان کنڊ مهانگي ڪري عوام مٿان بار نٿا وجهڻ چاهيون

پنھنجي راءِ لکو