56

بابر اعظم ڇهين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

لاهور : پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته انگلينڊ ٽيم جي بيٽرز جهڙي طرح پاور پلي جو استعمال ڪيو اهو ميچ جو ٽرلنگ پوائنٽ بڻيو انگلينڊ خلاف ڇهين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست بابت بابر چيو ته اندازو اهوئي هو ته سٺو اسڪور ٺاهيو آهي ڏهه کان پندرنهن رنسون وڌيڪ بڻجي سگهيون ٿي مان سمجهان ٿوته انگلينڊ جي اوپنرز فل سالٽ ۽ ايلڪس کي ڪريڊٽ ڏيڻ گهرجي ٻنهي ڄڻن سٺي شروعات ڏني جنهن سبب راند انهن طرف هلي وئي بابر اعظم وڌيڪ چيو ته رانديگرن کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو هتي ماڪ پوندي آهي بال ٿورو آلو رهندو آهي جنهن سبب فاسٽ بالرز ۽ اسپنرز جي لاءِ مشڪل ٿي ويندو آهي ڪپتان چيو ته اهڙي طرح جي صورتحال سامهون ايندي رهندي اوهان کي ان کي منهن ڏيڻو آهي اسان ان کان اڳ بهتر طريقي سان ميچ کٽيا آهن اسان کي پنهنجي ٽيم کي ڀروسي ۾ وٺڻو پوندو بابر اعظم چيو ته پوئين ڪاميابين سان جيڪو ڀروسو مليو آهي ان ۾ فرق نه اچڻ گهرجي اسان جيڪي غلطيون ڪيون آهن انهن تي رانديگرن سان ڳالهائينداسين ته جيئن ايندڙ ميچ ۾ نه ٿين اسان ان تي به ڳالهيون ڪنداسين ته اهڙي صورتحال ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي جو ميچ اسان جي هٿ ۾ اچي بابر اعظم وڌيڪ چيو ته بالنگ ۾ اوهان جيتريون رنسون روڪيندو ۽ بال مس ڪرائنيدو اوترو اوهان جي لاءِ بهتر رهندو
ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڇهين ٽي 20 ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 7 ميچن جي سيريز 3-3 سان برابر ڪري ڇڏي هئي پاڪ انگلينڊ سيريز جو ستون ۽ آخري ميچ آچر تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو