سکر:شيعا علماءِ ڪائونسل پاران وڌندڙ مهانگائي خلاف احتجاج

سکر (بيورورپورٽ) شيعا علماءِ ڪائونسل پاران وڌندڙ مهانگائي خلاف روڊن تي نڪري آيا. هنن سکر جي مختلف چوڪن چوراهن جو گشت ڪيو ۽ مهانگائي گهٽائڻ ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جا نعرا هنيا. احتجاج ڪندڙن کي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا، جن تي مهانگائي خلاف نعرا لکيل هئا. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اٽي جي بحران سبب عوام بک ۽ بدحالي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. جيڪڏهن عوام کي سستو اٽو فراهم نه ڪيو ويو ته عوام کي سخت ردعمل کي منهن ڏيڻو پوندو. شيعا علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻن چيو ته اسان جڏهن ياعلي جو نعرو لڳايو ته هي حڪومت پاڻ ئي ڊهي ويندي. اسان سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته جلد کان جلد عوام کي سستي خوراڪ جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. ٻي صورت ۾ اسان احتجاجن ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين. ان موقعي تي شيعا عالمن ملڪ جي ترقي، خوشحالي، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ دعا پڻ گهري.

پنھنجي راءِ لکو