سکر (بيورو رپورٽ) آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته اسان کي ڄاڻي واڻي افغانستان واري جنگ ۾ ڌڪيو ويو. آمريڪا، جرمني، جاپان، آسٽريليا، چين سميت دنيا جا اڪثر ملڪن ڪوئلي جي بدولت ترقي ڪئي آهي. محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جڏهن ٿر مان ڪوئلو ڪڍڻ جو ڪم شروع ڪرايو ته آلودگي جي جواز ۾ رنڊڪ وڌي وئي،
اهڙن خيالن جو اظهار هن سبزي منڊي پنو عاقل ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. خورشيد شاهه تقريب ۾ موجود معززين کي شڪايت ڪندي چيو ته توهان کي روڊ ٺاهي ڏيون ٿا پر اوهان انهن روڊن جي حفاظت نه ٿا ڪيو. سلطانپور کان پنوعاقل سميت ٻين شاهراهن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته ملڪ جون حالتون خراب ٿي رهيون آهن، مهانگائي وڌي رهي آهي، مان 54 سال سياست ۾ گذاري چڪو آهيان پر ڪڏهن به مايوس نه ٿيو آهيان، توهان کي به ڪڏهن مايوس نه ٿيڻ گهرجي، اسان غريب ملڪ ناهيون، اسان جي ملڪ کي غريب بنايو ويو آهي. ٻاهرين ملڪن جي ترقي ڪوئلي جي ڪري ٿي، پر ڪوئلي مان اسان کي ڪو فائدو نه ٿيو. اسان گئس جو معاهدو ڪيو پر ان کي روڪيو ويو، گوادر کي ٽيهن سالن کان تعمير ٿيڻ نه ڏيو ويو. اسان جي ريگستانن ۽ جبلن ۾ معدنيات سون آهي. آصف علي زرداري منصوبن تي ڪم شروع ڪيو. توهان ماڻهو مايوس نه ٿيو، تقريب دوران لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته هو مختلف علائقن جي معززين سان ملاقات ڪري مسئلا معلوم ڪري انهن کي حل ڪن.
