سکر: اسمال ٽريڊرز اينڊ ڪاٽيج انڊسٽريز جي باني ۽ اڳواڻ حاجي محمد ہارون ميمڻ جي اڳواڻي ۾ واپارين سان گڏ اٽي جي اگهه بابت اجلاس ٿيو

سکر (بيورورپورٽ) ڊپٽي ڪمشنر آفيس سکر مين اي ڊي سي ون لياقت علي ڪلهوڙي آل سکر اسمال ٽريڊرز اينڊ ڪاٽيج انڊسٽريز جي باني ۽ اڳواڻ حاجي محمد ہارون ميمڻ جي اڳواڻي ۾ واپارين سان گڏ اٽي جي اگهه بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ دڪاندارن کان پڇاڻو ڪيو ويو ته اٽو 70 رپيا في ڪلو وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنهن تي واپارين اي ڊي سي ون کي ياد ڏياريو ته فلور ملز مان اٽو 125 رپيا في ڪلو ڏنو پيو وڃي، اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته فلور ملن مان اٽو 125 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي؟ ضلعي انتظاميا پاران 70 رپيا في ڪلو جي اگهه تي خريد و فروخت ڪرڻ سمجھ کان ٻاهر ۽ واپارين سان سراسر ناانصافي آهي، اجلاس ۾ واپارين پنهنجو موقف پيش ڪيو ۽ اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو.۽ اجلاس اٿاري ڇڏيا.جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر آفيس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي حاجي محمد هارون ميمڻ چيو ته انتهائي افسوسناڪ ۽ عجيب ڳالهه آهي ته اي ڊي سي ون اجلاس ۾ چوندو رهيو ته اٽو 70 رپيا في ڪلو آهي، جڏهن ته فلور ملن کي وڪرو ڪيو وڃي. دڪاندارن کي 125 رپيا في ڪلو ڏئي رهيا آهن، هاڻي ضلعي انتظاميا کي ڪير سمجهائي ته ڪا به شيءِ خريدي اگهه کان گهٽ اگهه تي ڪيئن وڪرو ٿي سگهي ٿي، ان ڪري اسان اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو آهي.ان موقعي تي بدر فائق قريشي، زبير احمد، شبير ميمڻ، اقبال فاضلاڻي، حاسومل، چندر لال، فاروق خواجه، فواد قريشي، ذڪريا موسيٰ، عمران شمسي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. حاجي محمد هارون ميمڻ ۽ ٻين واپارين سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته اٽي جي اگهن ۾ عدم توازن جي جاچ ڪرائي وڃي، اٽي جي اگهه کان گهٽ اگهه تي وڪرو ڪرڻ جو منطق سمجهه کان ٻاهر آهي.حاجي محمد هارون ميمڻ چيو ته جيڪڏهن اٽي جو غير منصفاڻو اگهه مقرر ڪيو ويو ۽ واپارين کي ڏنڊ يا گرفتار ڪيو ويو ته پوءِ واپاري پنهنجو لائحه عمل جو اعلان ڪندا، جيڪو عمل جوڳو ناهي، تنهن ڪري وڏي وزير سنڌ کان ٻيهر مطالبو ڪيو ته ان حوالي سان نوٽيس ورتو وڃي. ۽ واپارين کي غير ضروري طور تي تنگ ڪرڻ جي معاملي جي غير جانبدارانه جاچ ڪرائي وڃي.

پنھنجي راءِ لکو