ڪنڌڪوٽ :جي مهراڻ فلور مل مان غوثپور ۾ اٽي جي بحران جي خاتمي لاءِ اٽي جو ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي اماڻي جيڪو اٽو نه پر چوپائي مال کي کاريو ويندڙ چوڪر ۽ مٽي نڪتي

غوثپور:سموري سنڌ ۾ هٿرادو اٽي جي بحران واريون خبرون رپورٽ ٿيڻ بعد ضلعي انتظاميان طرفان ڪنڌڪوٽ جي مهراڻ فلور مل مان غوثپور ۾ اٽي جي بحران جي خاتمي لاءِ اٽي جو ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي اماڻي جيڪو اٽو نه پر چوپائي مال کي کاريو ويندڙ چوڪر ۽ مٽي نڪتي جنهن جي 10 ڪلو واري ٻوري 650 روپين ۾ وڪرو ڪري برسات متاثرن کي بيوقوف بڻايو ويو آواز ٽي وي نيوز جي ٽيم جڏهن ڪوريج لاءِ پهتي ته وڪرو ڪندڙ ٽريڪٽر ٽرالي سميت فرار ٿي ويا ٻئي پاسي ڦورجي ويل پورهيتن مهراڻ فلور انتظاميان توڙي ضلعي انتظاميان خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي پورهيتن جو چوڻ هو ته هي اٽو نه پر چوپائي مال کي کارائندڙ چوڪر ۽ مٽي مڪس ٿيل آهي جيڪو تمام بدبو دار آهي جيڪو مال کي کارائڻ سان به مال بيمار ٿي ويندو وڌيڪ پورهيتن سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن دير جي ضلعي انتظاميا خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڪنڌڪوٽ جي مهراڻ فلور مل کي سيل ڪري برسات متاثرن سان انصاف ڪري ڳڻتي ختم ڪئي وڃي

پنھنجي راءِ لکو