اسلام آباد: ملڪ ۾ تبديل ٿيندڙ سياسي صورتحال تي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف گهرو وزير راڻا ثناءُالله کي لنڊن طلب ڪري ورتو.
ملڪ ۾ تبديل ٿيندڙ سياسي صورتحال تي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف جا پارٽي اڳواڻن سان مشورا جاري آهن. جڏهن ته ذريعن موجب هن گهرو وزير راڻا ثناءُالله کي به طلب ڪري ورتو آهي ذريعن موجب راڻا ثناءُالله جي ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران لنڊن روانو ٿيڻ جو امڪان آهي، جتي هو نوازشريف کي پنجاب اسيمبلي جي صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندو ۽ عدالتن ۾ ڪيسز ۽ آئنده جي اڳڀرائي تي به ڳالهيون ٿينديون راڻا ثناءُالله سان لنڊن ۾ ٿيندڙ صلاح مشورن دوران مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر مريم نواز به شريڪ ٿيندي ۽ مريم نواز جي ملڪ واپسي بابت معاملن جو جائزو به ورتو ويندو.
ذريعن موجب نوازشريف پهريان اياز صادق ۽ خواجه آصف سان به سياسي معاملن تي مشورا ڪيا آهن. نوازشريف پاران اڳواڻن سان مشورن ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون جلد ڪرائڻ بابت معاملن جو به جائزو ورتو پيو وڃي
