ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران مڪاني چونڊن جي التوا واري درخواست تي اليڪشن ڪميشن اجلاس طلب ڪري ورتو

ڪراچي: اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جي معاملي تي اهم اجلاس طلب ڪري ورتو ذريعن موجب اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ بنپهرن جو هڪ وڳي اهم اجلاس طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جي التوا واري درخواست تي غور ٿيندو ذريعن موجب اجلاس ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا جڏهن ته ڪراچي کان صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ياد رهي ته سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کان سڀاڻي ٿيندڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۽ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. جڏهن ته ڳجهن ادارن طرفان به سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي چونڊن لاءِ التوا جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي

پنھنجي راءِ لکو