انقره: ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلو،فوتين جو انگ سترنهن هزار کان وڌي ويو، لکين ماڻهو کليل آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور

انقره: ترڪيه ۽ شام ۾ آيل زلزلي سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 17 هزار کان وڌي ويو آهي جڏهن ته لکين ماڻهو سخت سيءَ ۾ کليل آسمان هيٺ رهڻ تي مجبور آهن 6 فيبروري تي ايندڙ زلزلي ترڪيه ۽ شام جي وڏي حصي ۾ تباهي ۽ بربادي جي نئين تاريخ لکي ڇڏي آهي، ٻنهي ملڪن ۾ هن وقت تائين قدرتي آفت سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 17 هزار کان به وڌي ويو آهي. ترڪيه جي اختيارين هينئر تائين 14 هزار جڏهن ته شام ۾ 3 هزار 162 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته ملبي هيٺيان اڃان تائين لاش ڪڍيا پيا وڃن سمورين ڪوششن جي باوجود ڪجهه علائقن ۾ اڃان تائين امدادي ٽيمون ناهن پهچي سگهيون، ترڪيه جو صوبو باتائي گهٽ ۾ گهٽ 5 لک شامي پناهگيرن جو عارضي گهر آهي اهو صوبو زلزلي سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن مان هڪ آهي. باتائي جي گادي واري شهر انطاڪيه ويجهو روڊن ۽ شهري هوائي اڏن کي ڪافي نقصان پهتو آهي جنهن سبب اتي امداد جي فراهمي به دير سان شروع ٿي آهي. باتائي ۾ موجود شامي پناهگيرن جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجون زندگيون بچائڻ جي لاءِ پنهنجا اباڻا علائقا ڇڏي هتي آيا هئاسين پر اسان جون مصبيتون اڃان تائين ختم ناهن ٿيون. زلزلي سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ته شام ۾ ٿيندڙ بمباري کان به وڌيڪ خوفناڪ آهي قدرتي آفتن دوران ريسڪيو جي ڪمن ۾ 72 ڪلاڪن جي وڏي اهميت سمجهي ويندي آهي ڇو ته ان کان پوءِ ملبي ۾ دٻيل ماڻهن جي زنده رهڻ جو امڪان نه هجڻ جي برابر رهجي ويندو آهي. هر گذرندڙ لمحي سان گڏ ملبي ۾ ڪنهن امڪاني زندگي کي بچائڻ جو وقت به تيزي سان گذري رهيو آهي ان لاءِ ٻنهي ملڪن ۾ ڪنهن به وقفي کان سواءِ ملبو هٽائڻ جو ڪم جاري آهي

پنھنجي راءِ لکو