انقره: ترڪي ۽ شام ۾ زلزلي سبب 28 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار

انقره: ترڪي ۽ شام ۾ خوفناڪ زلزلي کانپوءِ فوتين جو انگ 28 هزار کان وڌي ويو آهي پرڏيهي خابرو اداري موجب ترڪي ۾ 24 هزار 617 ۽ شام ۾ 3 هزار 574 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ٻئي طرف ترڪي جي انصاف واري وزارت ناقص اڏاوت ۾ ملوث ماڻهن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته 12 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي خابرو اداري موجب ترڪي ۾ زلزلي سبب 6 هزار عمارتون تباهه ٿي ويون آهن، جڏهن ته هزارين ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.
صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ 26 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن ڊبليو ايڇ او متاثرن لاءِ 42.8 ملين ڊالر جي فوري امداد جي اپيل ڪئي.
ٻئي طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو آهي ته شام ۾ امدادي مرڪز کولڻ جي اجازت ڏني وڃي

پنھنجي راءِ لکو