لاهور: پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن منشين تي مشتمل آهي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري لکيو ته عدالتي حڪمن کانپوءِ به عام تاثر آهي ته اليڪشن ڪميشن اسلام آباد وانگر صوبائي چونڊون نه ڪرائيندي، اليڪشن ڪميشن منشين تي مشتمل آهي پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته آئين سان ٽڪراءَ جي ملڪ کي مهانگي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، اليڪشن ڪميشن جو اڄ ئي اجلاس ٿيڻ گهرجي ها جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ لکيو ته بس ٿي ويو، اسان جي تحريڪ آئين جي بالادستي لاءِ تيار آهي، اها تحريڪ جيل ڀريو کان شروع ٿيندي
