فواد چوڌري مني بجيٽ ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌڻ تي عوام کي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.

لاهور: تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري مني بجيٽ ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌڻ تي عوام کي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
مني بجيٽ تي رد عمل جو اظهار ڪندي فواد چوڌري چيو ته ڏينهن جو 170 ارب جا ٽيڪس لڳايا ويا ۽ رات جو پيٽرول جون قيمتون وڌائي عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو. پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ سان مڊل ۽ لوئر ڪلاس جو طبقو تمام گهڻ متاثر ٿيو آهي جيستائين پاڪستان جا ماڻهو ٻاهر نه نڪرندا اهو ظلم ٿيندو رهندو.فواد چوڌري چيو ته اسحاق ڊار جا ڪهڙا ٻار پاڪستان ۾ رهن ٿا جو کيس فڪر هجي. حڪومت جو سمورو ڌيان ان تي آهي ته ڪهڙي طرح عمران خان کي جيل اماڻڻو آهي. عوام تي مهانگائي جو بار وڌايو ويو آهي جيڪڏهن اسان هن رڪارڊ مهانگائي تي به احتجاج نه ڪيوسين ته ان جو مطلب اهو آهي ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اسان ان جي لائق آهيون. هاڻ اهو سڀ ڪجهه برداشت کان ٻاهر ٿي ويو آهي. جيڪڏهن اڃان به اسان ٻاهر نه نڪتاسين ته پوءِ ملڪ جو الله ئي وارث آهي.