منافعي خورن ايل پي جي قيمت ۾ 50 روپيه في ڪلو واڌ ڪري ڇڏي آهي.ايل پي جي ايسوسيئيشن جي چيئرمين عرفان کوکر چيو آهي ته آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) ايل پي جي جي سرڪاري قيمت 177 روپيه في ڪلو مقرر ڪئي آهي پر ايل پي جي 230 کان 240 روپين ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي.عرفان کوکر چيو آهي ته اوگرا ۽ انتظاميه ايل پي جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيس وٺي. گذريل مهيني 13 جون تي روس کان پيٽروليم گيس(ايل پي جي) جي پهرين کيب طورخم بارڊر رستي پاڪستان پهتي هئي.روس کان طورخم ٽرمينل پهتل پيٽروليم گيس(ايل پي جي) جي 11 ٽينڪرز کي اڃان تائين ڪليئرنس نه ملي سگهي هئي.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ڪسٽم ايجنٽ مجيب الله شنواري ٻڌايو ته روسي ايل پي جي جا 11 ٽينڪرز 4 ڏينهن کان طورخم ٽرمينل تي بيٺل آهن.هن چيو ته اليڪٽرانڪ امپورٽ فارم(اي آءِ ايف) جي شرط سبب ٽينڪرز کي ڪليئنرس ۾ دير ٿي رهي آهي. اڳ پهچندڙ 4 روسي ايل پي جي ٽينڪرز کي طورخم ٽرمينل تي 22 ڏينهن کان پوءِ ڪليئرنس ملي هئي پر 11 ايل پي جي ٽينڪرز چئن ڏينهن کان ڪليئرنس جي انتظار ۾ بيٺل آهن.
