هاڻي پاڻي جو به هزارين رپيا بل ادا ڪرڻو پوندو، واسا رهواسين لاءِ پاڻي جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب واسا پاڻي جي بلن ۾ 2 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي. واسا پاران پاڻي جي بلن ۾ واڌ جي تناسب سان 7 مرله جي گهر جو بل 5500 رپين بدران 1500 رپيا ماهوار ٿي ويو آهي اهڙي طرح 10 مرله جي گهر جو بل 650 مان وڌي 1800 رپيا ۽ هڪ ڪنال واري گهر جو بل 1300 مان وڌي 3000 رپيا ٿي ويو آهي. واسا عملدارن موجب واسا کي 5 ارب رپين جو ساليانو نقصان ٿئي ٿو، جنهن جو وڏو سبب بجلي، پيٽرول ۽ ٻين خرچن ۾ اضافو آهي، ان ڪري واسا جا بل وڌائڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. ياد رهي ته عوام تي پاڻي جي بلن ۾ واڌ جو بم ان وقت ڪيرايو ويو آهي جڏهن مهانگائي عوام جي کمر ٽوڙي ڇڏي آهي پاڪستان ۾ مهانگائي جي صورتحال بابت ڳڻتي جوڳي رپورٽ سامهون آئي آهي. دنيا نيوز جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ مهانگائي جي موجوده صورتحال جي حوالي سان سامهون آيل انگن اکرن موجب پاڪستان خطي جو مهانگو ترين ملڪ بڻجي ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خطي جو واحد ملڪ سريلنڪا پاڪستان کان سستو آهي، انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح سريلنڪا کان وڌيڪ آهي 2023ع دوران سريلنڪا جي مهانگائي جي شرح 28.5 سيڪڙو هئي جڏهن ته پاڪستان جي سالياني مهانگائي جي شرح 29 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب ايندڙ سالن ۾ سريلنڪا ۾ مهانگائي جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي ٿيندي، جڏهن ته پاڪستان ايندڙ ڪيترن سالن تائين خطي جو مهانگو ترين ملڪ رهندو. آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 2024ع ۾ 21.9 سيڪڙو ۽ 2025ع ۾ وڌيڪ گهٽجي 10.5 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي، 2026ع کان 2028ع تائين مهانگائي جي شرح 6.5 سيڪڙو جي سنگل ڊيجٽ تي پهچي ويندي جيڪا ان کان وڌيڪ هوندي جڏهن ته سري لنڪا ۾ افراط زر 2024 ۾ 8.7 سيڪڙو، 2025 ۾ 5.6 سيڪڙو، 2026 ۾ 5.2 سيڪڙو، 2027 ۾ 5.1 سيڪڙو ۽ 2028 ۾ 5 سيڪڙو تائين گهٽجڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
