پيٽرول جي قيمت ۾ 50 پئسا گهٽتائي، نوان اگهه لاڳو

سلام آباد: حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 50 پئسا جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 19 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 342 رپيا 60 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 371 رپيا 61 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.حڪومت موجب پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اطلاق رات 12 وڳي کان ٿيندو، جڏهن ته قيمتن ۾ هي تبديلي هڪ ڏينهن لاءِ ڪئي وئي آه