بدامني ۾ غيرقانوني پرڏيهي ملوث آهن، افغانستان ٽي ٽي پي يا پاڪستان مان ڪنهن هڪ کي چونڊ ڪري: وزيراعظم

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ افغان ڌمڪين وارن بيانن کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ بدامني پکيڙڻ ۾ پرڏيهي هٿ ملوث آهن. پاڪستان مخالف دهشتگردن جي خلاف افغان حڪومت ڪي به قدم نه کنيا آهن. افغانستان هاڻ ٽي ٽي پي يا پاڪستان مان ڪنهن هڪ کي چونڊ ڪري اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته جڏهن به افغانستان تي مصيبت آئي پاڪستان ان جي ڀرپور مدد ڪئي پاڪستان 40 لک افغان شهرين کي کلي دل سان ڀليڪار چيو. افغانستان ۾ عبوري حڪومت بنجڻ کان پوءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو غيرقانوني طور تي لڏ پلاڻ ڪري پاڪستان آيا. 8 لک افغان شهرين کي عبوري طور تي شهرت جا ڪارڊ ڏنا ويا. پاڪستان جي عوام دل جان سان افغان پناهگيرن کي ڀليڪار ڪيو. بدلي ۾ پاڪستان جي عوام جي جذبن کي نقصان پهچايو ويو انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ۾ بدامني پکيڙيندڙن ۾ پرڏيهين جا هٿ ملوث آهن. دهشتگردن پاڪستان جي خلاف جنگ جو اعلان ڪري رکيو آهي. دهشتگرد افغانستان جي زمين استعمال ڪندا آهن. افغان عبوري حڪومت کي سفارتي، سياسي، فوجي، رسمي ۽ غير رسمي ذريعن کان افغانستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جو واضح پيغام ڏنو پئي ويو. هن چيو ته افغان عبوري حڪومت کي افغانستان ۾ موجود پاڪستان کي گهربل دهشتگردن جي فهرست به ڏني وئي. دهشتگردن بابت ڄاڻ افغان حڪومت سان شير به ڪئي وئي پر پاڪستان مخالف دهشتگردن جي خلاف افغانستان ڪي به قدم نه کنيا نگران وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان افغانستان ۾ عبوري حڪومت جي قيام کان پوءِ دهشتگردي ۾ 60 سيڪڙو اضافو ٿيو. 2 سالن ۾ سرحد پار دهشتگردي سبب 2 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شهيد ٿيا. 84 افغان دهشتگرد پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز سان وڙهندي مارجي ويا. ڪوشش هئي ته اهڙن معاملن کي ميڊيا تي آڻڻ کان سواءِ معاملي کي حل ڪيو وڃي پر افغان حڪومت جي مثبت رد عمل نه اچڻ تي معاملا پاڻ صحيح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو غيرقانوني طور تي رهندڙ افغانين جي واپسي تي دهشتگردي جي تازن واقعن ۾ اضافي بابت سوال تي وزيراعظم چيو ته اسان جا ڪجهه خدشا آهن اسان الرٽ آهيون ۽ سمون رخن تي غور ڪري رهيا آهون ڪجهه به ٿي وڃي هاڻ هن پاليسي تان واپسي ممڪن نه آهي نگران وزيراعظم چيو ته افغان اڳواڻن جي تازن حملن ۾ تيزي اچڻ سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي. رضاڪارانه ويندڙ افغان شهرين کي عزت ۽ احترام سان واپس اماڻي رهيا آهيون. پاڪستان جي مٿان ڪنهن به ملڪ جو ڪنهن به قسم جو ڪوبه دٻاءُ نه آهي. افغان اڳواڻن جي ڌمڪين وارا بيان افسوسناڪ آهن. افغانستان جي عبوري حڪومت جو ادراڪ ٿيڻ گهرجي ٻئي خودمختار ملڪ آهن پارا چنار ۾ سرحد پار کان ڪارروائين بابت سوال تي نگران وزيراعظم چيو ته ان حوالي سان صوبائي حڪومت کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ڪنهن به هڪ انچ حصي تي ڪارروائي جي اجازت نه ڏينداسين. ٽي ٽي پي جي خلاف افغان زمين تي ڪارروائين بابت سوال تي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اسان کي اميد آهي ته افغانستان جي عبوري حڪومت ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي ڪندي اهو انهن جي به حق ۾ آهي ۽ اسان جي به حق ۾ آهي هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي قيام کان پوءِ پاڪستان ايندڙ 25 هزار افغانين جو ڊيٽا پاڪستان وٽ موجود آهي اهڙن ماڻهن کي جنهن به ملڪن ۾ وڃڻو آهي اهي به تيار آهن ۽ اسان به انهن کي انهن ملڪن ڏانهن اماڻڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته افغان عبوي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث پاڪستانين کي اسان جي حوالي ڪيو وڃي. پاڪستان دهشتگردي ۾ ملوث اهڙن سمورن پاڪستانين کي وصول ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي دهشتگردي جي واقعن ۾ آمريڪي هٿيار استعمال ٿيڻ بابت ڳالهيون ڪندي انورالحق ڪاڪڙ چيو ته آمريڪي هٿيار هاڻ بليڪ مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي ان جون شاهديون سامهون اچي چڪيون آهن. ڏيڍ لک افغان ملٽري هئي انهن جا هٿيار ڪيڏانهن ويا؟ اهي آمريڪي هٿيار پوري خطي ۾ بليڪ مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن ۽ وچ اوڀر تائين وڃي رهيا آهن.

پنھنجي راءِ لکو