پهرئين مڙس غلام حيدر سيما ۽ سچن کي 3=3 ڪروڙن جو قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو

نئين دهلي : پب جي گيم کيڏندي ڀارتي شهري سان محبت ۾ گرفتار ٿي 4 ٻارن سوڌو ڀارت ويندڙ عورت سيما حيدر جي پهرئين مڙس غلام حيدر، سيما ۽ سچن کي 3_3 ڪروڙن جو قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو ،ڀارتي ميڊيا موجب پهرئين مڙس غلام حيدر، سيما ۽ سندس مڙس سچن کي 3_3 ڪروڙ ڀارتي رپين جو نوٽيس موڪليو آهي، غلام حيدر پنهنجي ٻارن کي پاڪستان واپس آڻڻ لاءِ ڀارتي وڪيل جون خدمتون حاصل ڪيون آهن،غلام حيدر وڪيل علي مومن جي معرفت موڪليل قانوني نوٽيس ۾ چيو آهي ته سيما ۽ سچن هڪ مهيني اندر معافي ڪري ڏنڊ جمع ڪرائين، نه ته انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ،سيما حيدر جي پهرئين مڙس غلام حيدر پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته سيما حيدر 10 مئي 2023ع ۾ ٻارن سميت غير قانوني طور تي ڀارت هلي وئي هئي

پنھنجي راءِ لکو