11

پي ٽي آءِ ڳالهين جي بجاءِ ڊيل جون درخواستون ڏئي رهي آهي: شرجيل ميمڻ

سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات بابت صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڳالهيون نه ڊيل جون درخواستون ڏئي رهي آهي پر ادارا تيار نه آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻن طرفان اسلام آباد تي قبضي ۽ ادارن سان ڳالهين جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي  صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ هڪ طرف ادارن جي خلاف مهم هلائي رهي آهي، ٻئي طرف  منٿون ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف گروپ بندي جو شڪار آهي، هر هڪ جو پنهنجو بيان آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو وڏو وزير دهشتگردن جيان اسلام آباد تي چڙهائي جون ڌمڪيون  ڏئي رهيو آهي. اسلام آباد تي قبضي جي ڌمڪي مان ثابت ٿي ويو آهي ته پي ٽي آءِ جو وڏو وزير دهشتگرد آهي. پنهنجي بيان ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ وارا پهريان سوشل ميڊيا تي دهشتگردي ڪندا رهيا هاڻ گادي واري شهر ۾ دهشتگردي جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گذريل ڏيڍ سالن کان پي ٽي آءِ جو هر گروپ ڊيل جون درخواستون ڏئي رهيو آهي، ادارن جي خلاف مهم هلائڻ وارا ڪهڙي منهن سان ادارن سان ڳالهين جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ پهريان ادارن جي خلاف مهم هلائي ۽ هاڻ ان کي سياست ۾ ڌڪي تڪراري بنائڻ چاهين ٿا، شهريار آفريدي جي بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو ڪيئن عوام کي بيوقوف بنائي ادارن سان وڙهائيندا آهن، عمران خان جي پارٽي اهم ملڪي ادارن کي تباهه ڪرڻ جي پويان لڳل آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو