14

آڊيو ليڪ ڪيس: جسٽس بابر ستار کي ڪيس کان ڌار ڪرڻ بابت 3 ادارن جي درخواستن تي ڏنڊ لاڳو

جسٽس بابر ستار آڊيو ليڪ ڪيس ۾ ڪيس کان ڌار ٿيڻ بابت گڏيل درخواستن تي پيمرا، ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي تي 5-5 لک ڏنڊ لڳائي درخواستون رد ڪري ڇڏيون. پيمرا، پي ٽي اي، ايف آءِ اي ۽ آءِ بي آڊيو ليڪ ڪيس ۾ جسٽس بابر ستار کي ڌار ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ گڏيل درخواستون داخل ڪيون هيون. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ آڊيو ليڪ بابت بشريٰ بي بي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس جي پٽ نجم الثاقب جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ اٽارني جنرل عثمان منصور عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران جسٽس بابر ستار چيو ته پهريان ته گڏيل درخواستون طئي ٿينديون، ڪنهن درخواستون فائل ڪيون آهن؟ ان جو فيصلو ڪرڻو آهي، جنهن تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته آءِ بي، ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي اهي درخواستون داخل ڪيون آهن. عدالت چيو ته آءِ بي، ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي سنجيده ادارا آهن انهن جون درخواستون ٻڌي فيصلو ڪيو ويندو. ڪنهن  انهن کي درخواستون داخل ڪرڻ جي اٿارٽي ڏني آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل منور  اقبال عدالت کي ٻڌايو ته ڊي جي ايف آءِ اي اسٽنٽ ڊائريڪٽر کي اٿارٽي ڏني آهي. جسٽس بابر ستار ايڊيشنل اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته درخواست جو لاڳاپيل حصو پڙهو جتي منهنجي مٿان اعتراض ڪيو ويو آهي. جسٽس بابر ستار پڇيو آءِ ايس آءِ جي معاملي سان ايف آءِ اي جو ڪهڙو تعلق آهي. اهو خط ايف آءِ اي سان ڪهڙي طرح لاڳاپيل آهي؟ ايف آءِ اي انٽيليجنس ايجنسي آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته ايف آءِ اي انٽيليجنس ايجنسي نه آهي. جسٽس بابر ستار پڇيو ته هاءِ ڪورٽ جي ججز کي بليڪ ميل ڪرڻ يا ججز جي گهرن ۾ ڳجهي ڪيمرا لڳائڻ سان ايف آءِ اي جو ڪو تعلق آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ائين ته نه آهي پر خط ۾ لفظ انٽيليجنس ايجنسيز استعمال ڪيو ويو آهي. جنهن کان پوءِ عدالت ايف آءِ اي جي گڏيل درخواست 5 لک روپيه ڏنڊ لڳائڻ سان گڏ رد ڪري ڇڏي جڏهن ته عدالت ڊي جي ايف آءِ اي جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جو به اشارو ڏنو. ان موقعي تي عدالت ۾ موجود وڪيل روسٽرم تي اچي جسٽس بابر ستار جي بهادري جي تعريف ڪئي، اعتزاز احسن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڄ جي حڪمنامي منهنجو قد 20 فٽ مٿي ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس بابر ستار ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل کي چيو ته ڪيس ٻئي عدالت منتقل ڪرڻ جي گڏيل درخواست داخل ڪرڻ جو مقصد عدالتي ڪارروائي کي متاثر ڪرڻ آهي. اسان ۽ اوهان هڪ ئي دنيا ۾ رهون ٿا. سڀ سمجهي رهيا آهيون، جيڪڏهن ايگزيڪٽو ججز کي ڌمڪائين ۽ ججز توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪن ته اهو مفاد جو ٽڪراءُ ڪيئن آهي؟ ڇا جج ذاتي مفاد لاءِ توهين عدالت جي ڪارروائي ڪندو؟ ڇا عدالت آءِ بي اي ۽ ايف آءِ اي جا سمورا ڪيس ٻڌڻ ڇڏي ڏئي؟ اوهان جون دليلون مڃي وٺون ته پوءِ ته اسان کي حڪومت جي خلاف ڪوبه ڪيس ٻڌڻ ئي نه گهرجي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو