10

ٽنڊوالهيار لڳ بدفعلي بعد قتل ڪيل معصوم نينگر جي قتل ۾ سندس چاچا ملوث نڪتا، جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو

ٽنڊوالهيار لڳ بدفعلي بعد قتل ڪيل معصوم نينگر جي قتل ۾ سندس چاچا ملوث نڪتا، ڀاءَ سان ناراضگي سبب ڪاوڙجي ڀائٽي کي بدفلعي بعد قتل ڪري لاش زمين ۾ پوري ڇڏيو جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي. ڊاسوڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ دائود ڪيريو ۾ ٻه ڏينهن اڳ گم ٿيل ٻارنھن ورهين جي معصوم ڏيوو پٽ لالو ڪڇي ڪولھي جو ڪمند جي فصل مان زمين ۾ پوريل لاش مليو جنهن جي مٿي ۾ تيز ڪهاڙي جو وار، ڪري قتل ڪيو ويو هو. ايس ايس پي ٽنڊوالھيار ابريز علي عباسي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٻه ڏينهن اڳ بدفعلي بعد بيدردي سان قتل ڪيل ٻارنھن سالن جي معصوم نينگر جا قاتل ٽي جوابدار گرفتار ڪيا آهن جن مان ٻه فوتي نينگر جا سڳا چاچا چيتن ۽ چندر پٽ جسگا ڪڇي ڪولھي ۽ ٽيون سندن دوست مصري ڀيل گرفتار ڪيا ويا آهن، جوابدارن ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي  جڏهن ته قتل جي ڏوهه ۾ استعمال ٿيندڙ ڪھاڙي ۽ ڪوڏر پوليس پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي ايس ايس موجب جوابدارن اعتراف ڪندي چيو آهي ته اسان جو ڀاءُ لالو اسان سان نه ٺھندو آھي جنھن جي ڪاوڙ ۾ اسان ان جي پٽ ڏيوو ڪڇي ڪولھي سان بدفعلي ڪري ڪھواڙي جو ڌڪ ھڻي قتل ڪري ڪمند جي فصل ۾ کڏ کوٽي لاش لڪائي ڇڏيو ھو ۽ قتل ۾ استعمال ٿيندڙ ڪوڏر ۽ ڪهاڙي به ڪيلي جي باغ ۾ لڪائي ڇڏيا هئا. ٻئي پاسي ايس پي ٽنڊوالھيار ابريز علي عباسي وڌيڪ چيو ته  بيدردي سان قتل ٿيل لاش نينگر کي مٿي ۾ پويان کان چير نموني ڪنھن تيز ڌار اوزار سان ڪٽيل ھو ۽ ميڄالو ٻاھر نڪتل ھو. ايس ايس پي چيو ته جوابدارن جا ڊي اين اي ۽ جزا ٽيسٽ لاءِ موڪليا ويا آھن رپورٽ ۾ جيڪي به ملوث جوابدار ھوندا انھن کي پڻ گرفتار ڪري سخت سزا ڏني ويندي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو