99

ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي م پولیس رينجرز جي ڪامياب ڪاروائي مغوين جي بازيابي اشتهار ڏوھارين جي گرفتاري لاءِ پولیس رينجرز جي گڏيل آپريشن دوران 12 ڏوھاري جديد ھٿيارن سميت گرفتار

ڪنڌڪوٽ لڳ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي م مغوين جي بازيابي اشتهاري ڏوھارين جي گرفتاري لاءِ پوليس رينجرز جي جوانن جي گڏيل آپريشن آپريشن جي نگراني ايس ايس پي بشير احمد بروهي رينجرز ونگ جي ليفٽيننٽ ڪرنل جميل احمد ڪري رھيا آھن آپريشن ۾ 300 کان وڌيڪ پوليس رينجرز جا جوان حصو ورتو آپريشن ۾ 4 اي پي سي چين 5 بڪتربند گاڏي 15 کان وڌيڪ موبائيل گاڏين پڻ استعمال ڪيا ويا ڏوھارين طرفان پوليس ۽ رينجرز جي جوانن کي ڏسي جديد ترين ھٿيارن سان فائرنگ شروع ڪري ڏنو پولیس ۽ رينجرز جي سخت جوابي فائرنگ کانپوءِ ڏوھارين جو گهيراءُ تنگ ٿيڻ کان پوءِ ڏوھارين پنهنجا ھٿيار ڦٽا ڪيا کين 12 ڏوھارين کي جديد ھٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو ڏوھارين جي ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ايس ايس پي بشير احمد بروهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس رينجرز جي آپريشن مغوين جي بازيابي اشتهاري ڏوھارين ۽ سبزوئي گينگ جي ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقن ۾ ھلندڙ آهي مغوين جي بازيابي ۽ ڏوهارين جي گرفتاري تائين جاري رهندو آپريشن ۾ اڳ پوليس رينجرز کي ڪافي سارا ڪاميابي مليو آھن پر جي اڄ جي آپريشن ۾ جوانن جي محنتن ۾ وڌيڪ اسان کي ڪاميابي ملي آهي پوليس رينجرز جي جوانن جا حوصلا بلند آهن ھو امن امان جي صورتحال بھتر ٿيڻ تائين ڏوھارين سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي ان ناسور مرض مان ضلعي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جي عوام کي ڪڌي سڪون جي زندگي گذارڻ جو احد ڪيو آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو