پاڪ فوج جون دشمن جي ڪنهن به اڳرائي کي جواب ڏيڻ لاءِ جديد هٿيارن سان جنگي مشقون جاري

 ڀارت طرفان پهلگام واقعي کان پوءِ ڪنهن به اڳڀرائي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج مڪمل طور تي تيار آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج جون جنگي مشقون زور شور سان جاري آهن. جنگي حڪمت عملي کي نظر ۾ رکندي مشقن ۾ جديد هٿيارن جو عملي مظاهرو پڻ ڪيو پيو وڃي. اهڙين مشقن ۾ آفيسر ۽ جوان پنهنجي پيشوارانه مهارتون ڀرپور طريقي سان ڏيکاري رهيا آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب جنگي مشقن جو مقصد دشمن جي ڪنهن به جارحيت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ آهي. انهي کان اڳ 29 اپريل تي پاڪستان ڀارت کي عملي طور تي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي هڪ ئي ڏينهن ۾ ڀارتي فوج جا 2 ڪواڊ ڪاپٽر ڪيرائي ڇڏيا هئا.

پنھنجي راءِ لکو