ڀارتي حملي خلاف حڪومتي ۽ اپوزيشن شخصيتون هڪ پليٽ فارم تي، دشمن کي سخت جواب ڏيڻ جواعلان

ڀارتي حملي خلاف حڪومتي ۽ اپوزيشن شخصيتون هڪ پليٽ فارم تي ٿي ويون آهن دشمن کي سخت جواب ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڀارت طرفان بزدلاڻي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته پاڪستاني زمين ۽ شهرين کي حدف جو نشانو بنائڻ جي لاءِ ڀارت بزدلاڻو حملو ڪيو، ڀارتي جارحيت کي نظر انداز نه ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جي بهادر فوج خاص طور تي اسان جي جانباز فضائيه پوري عزم حوصلي سان جواب ڏئي رهي آهي ڪنهن به اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. ڀارت جي بزدلاڻي ۽ چڙ ڏياريندڙ حملن ۾ مريد ڪي، بهاوالپور، ڪوٽلي ۽ مظفرآباد جي شهري علائقن کي نشانو بنايو ويو جيڪا جنگي جارحيت آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڀارتي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي چيو ته پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو پاڪستاني قوم متحد آهي، ڀارت جي بزدلاڻي ڪارروائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته پوري قوم جا حوصلا بلند آهن عوام پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ڀارتي جارحيت جي حوالي سان رد عمل ڏيندي چيو ته پاڪستان جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت اسان جي ايمان ۽ منهنجي حلف جو حصو آهي. پنجاب جي زمين غازين ۽ شهيدن جي زمين آهي انهي زمين تي اڄ رات وهندڙ معصومن جو رت اسان تي قرض آهي، پوري قوم هن جنگ ۾ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. مريم نواز پاڪ فضائيه طرفان ڀارت جا 5 ويڙهاڪ جهاز ڪيرائڻ تي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين به پيش ڪيو. هن چيو ته ڀارت جو غرور، تڪبر ۽ ڪوڙي پروپيگنڊه اڄ فضائن ۾ سڙي خاڪ ٿي چڪو آهي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته اهو قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، خطي ۾ امن واستحڪام جي لاءِ سنگين خطرو آهي. اسان پاڪستان جي حڪومت ۽ پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. علي امين گنڊا پور چيو ته هڪ نازڪ گهڙي ۾ قومي سلامتي ۽ خودمختاري جي دفاع لاءِ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون. اسان ملڪ جي انهن علائقن ۽ عوام سان مڪمل همدردي جو اظهار ڪريون جيڪي هن جارحيت سبب متاثر ٿيا. بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته ڀارت طرفان ميزائل حملا کليل جارحيت آهي ميزائل حملا علاقائي امن کي ٽوڙڻ جي سازش آهي بلوچستان جي عوام  دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي لاءِ پاڪ فوج سان گڏ آهي. مير سرفراز بگٽي چيو ته عالمي برادري ڀارت جي جارحيت جو نوٽيس وٺي ڀارت جو جنگي جنون ڏکڻ ايشيا کي تباهي طرف ڌڪي رهيو آهي. اسان امن جا خواهشمند ضرور آهيون پر ڪمزور نه آهيون. سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ رد عمل ڏيندي چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي. اسان ڪڏهن به جنگ جي خواهش ناهي ڪئي پر اها جنگ اسان تي مڙهي وئي پهلگام واقعي کان پوءِ پاڪستان اڻڌري ۽ منصفاڻي جاچ جي آڇ ڪئي پر ڀارت جنگي جنون ۾ مبتلا ٿي جارحيت جو رستو اختيار ڪيو. هن چيو ته ڀارت فوج حملو ڪري عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي، خطي جي امن کي به داءُ تي لڳايو. پاڪستان جي بهادر فوج دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو اڄ سموري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند آهي. جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان خصوصي وڊيو پيغام ۾ چيو ته بزدل دشمن ڀارت ماضي جيان هڪ دفعو ٻيهر رات جي اونداهي ۾ بزدلاڻو حملو ڪيو آهي. مسجدن ۽ سويلين آبادي کي ڀارت نشانو بنايو ڀارت کي سبق سيکارڻ ضروري آهي. هن چيو ته ڀارت جي ڪارروائي جو پاڪ فوج ذميوارانه ۽ ڀرپور جواب ڏنو آهي جماعت اسلامي حڪومت کي ملڪي دفاع ۾ ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو آهي. پيپلز پارٽي جي نائب صدر شيري رحمان ڀارت طرفان پاڪستان جي ميزائل فائر ڪرڻ تي سخت رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ڀارت جو ميزائل حملو کليل جارحيت آهي. مودي شروعات ڪري ڇڏي آهي. اختتام هاڻ پاڻ ڪندو. مظفر آباد، ڪوٽلي ۽ بهاوالپور تي حملا معافي جوڳا ڏوهه نه آهن. شيري رحمان چيو ته ڀارت  ميزائل فائر ڪري پنهنجي ناپاڪ نيت کي بي نقاب ڪري ڇڏيو پاڪستان هاڻ خاموش نه ويهندو. ڀارت امن جي آڇ کي ڪمزوري نه سمجهي. ڀارت جي سينئر وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي بهادر فوج کي سلام پيش ڪري ٿي جنهن جارحيت جو فوري ۽ فيصله ڪن جواب ڏنو. ڀارت جا بزدلاڻا حملا جنهن معصوم شهرين، مسجدن ۽ نيلم جهلم جهيڙي اهم آبي منصوبن کي نشانو بنايو انهي جي رد عمل ۾ اسان جي پاڪ فوج بي مثال طاقت ۽ بهادري سان ڪارروائي ڪئي. اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد وڊيو بيان ۾ چيو ته ڀارت طرفان رات جي اونداهي ۾ هٿين خالي پاڪستانين تي حملو ڪيو ويو جنهن تي پاڪ فضائيه پنج رافيل جهاز ڪيرائي دشمن کي جواب ڏنو. شيخ رشيد چيو ته دشمن سمجهي ٿو ته هو پاڪستان کي ڊِڄاريندو پر پاڪستاني قوم نه جهڪي نه جهڪندي جيڪڏهن پاڪستان فيصلو ڪري ورتو ته دشمن محفوظ نه رهندو. اوهان اسان جي مسجدن کي شهيد ڪيو هاڻ برداشت جو مادو ختم ٿي ويو. اڳوڻي گهرو وزير چيو ته پاڪستان زنده قوم آهي اسلام شهادت کي اعزاز سمجهي ٿو. شهادت اسان جي لاءِ فخر آهي وقت آيو ته هر قرض لاٿو ويندو ۽ دشمن کي اهڙيون سزائون ڏينداسين جو هو ٻيهر پاڪستان طرف ڏسڻ جي همٿ نه ڪندو.

پنھنجي راءِ لکو