ملائيشيا: جمعي جي نماز نه پڙهندڙ مردن کي قيد ۽ ڳري ڏنڊ جي سزا جو اعلان

ملائيشيا: ملائيشيا جي رياست ترنڪگانور بنا شرعي عذر جي جمعي جي نماز نه پڙهندڙ مردن لاءِ 2 سال قيد ۽ 3 هزار رنگٽ(2 لک پاڪستاني روپيه) ڏنڊ جي سزا جو اعلان ڪري ڇڏيو،العربيه اردو جي هڪ رپورٽ موجب ملائيشين اسلامي پارٽي(پي ايس اي) جي انتظام هيٺ رياست ترنڪگا ۾ هلندڙ هفتي اعلان ڪيو ويو ته هڪ ڀيرو به جمعي جي نماز ڇڏڻ ڏوهه جي طور تي مڃيو ويندو. اعلان موجب اهڙي شخص کي شريعت جي تحت سزا جي طور تي 2 سال قيد ۽ 3 هزار رنگٽ جو ڳرو ڏنڊ يا ٻنهي مان ڪابه هڪ سزا ٻڌائي ويندي. ياد رهي ته انهي کان اڳ به انهي رياست ۾ 3 ڀيرا جمعي جي نماز ڇڏيندڙ ماڻهن کي سزا ڏني ويندي هئي،رياستي اختيارين موجب نماز ڇڏيندڙ مردن جي خلاف عوامي رپورٽن يا گشتن جي ذريعي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. انهي حوالي سان ترنڪگائو رياستي ايگزيڪٽو ڪونسل جي ميمبر محمد خليل عبدالهادي چيو آهي ته سزا کان اڳ ياد دهاني اهم آهي ڇو ته جمعي جي نماز نه صرف هڪ مذهبي نشاني آهي پر مسلمانن جي وچ ۾ فرمانبرداري جو اظهار به آهي،محمد خليل عبدالهادي جو وڌيڪ چوڻ هو ته جمعي جي نماز نه پڙهندڙن کي سزا صرف انهي صورت ۾ ڏني ويندي جڏهن ماڻهن کي جمعي جي نماز پڙهڻ جي ياد دهاني ڏياري وڃي پر اهي انهي جي باوجود نماز ادا نه ڪن

پنھنجي راءِ لکو