پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 6 اهم معاهدا طئي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي دوري دوران اتفاق

ڍاڪا: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پنهنجي سرڪاري دوري دوران بنگلاديش جي پرڏيهي صلاحڪار محمد توحيد حسين سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويوپرڏيهي وزارت موجب، ٻنهي ملڪن جي وفدن ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني رخن تي تفصيل سان ڳالهيون ڪيون، جن ۾:
اعليٰ سطحي رابطاواپار ۽ اقتصادي تعاونعوامي لاڳاپا ۽ ثقافتي ڏي وٺ تعليم ۽ استعداد ڪار ۾ تعاون انساني همدردي جا مسئلا به شامل هئا.ملاقات ۾ سارڪ جي بحالي، فلسطين ۽ روهنگيا مسئلو سميت علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
6 اهم معاهدا ۽ ايم او يو تي صحيون
ملاقاتن کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وفدن نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ بنگلاديش جي پرڏيهي صلاحڪار جي موجودگي ۾ 6 اهم معاهدا ۽ ايم او يو تي صحيون ڪيون، جن ۾:
سفارتڪارن ۽ حڪومتي اهلڪارن لاءِ ويزا ختم ڪرڻ
پاڪستان ۽ بنگلاديش جي فارن سروس اڪيڊمين وچ ۾ تعاون
ايسوسيئيٽڊ پريس آف پاڪستان (APP) ۽ بنگلاديش سنگبناد سنگستها (BSS) وچ ۾ معاهدو
انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد ۽ بنگلاديش انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل اينڊ اسٽريٽيجڪ اسٽڊيز وچ ۾ ايم او يو
ٽريڊ جوائنٽ ورڪنگ گروپ دوران تعاون جو معاهدو
ثقافتي تبادلي جو پروگرام (2025-2028)
واپاري ۽ اقتصادي ملاقاتون
دوري دوران نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي قيادت ۾ واپاري ملاقاتون به ٿيون، جن ۾:
پاڪستاني وفد ۾ واپار وارو وزير ۽ اعليٰ اختيارين جي شرڪت
بنگلاديش طرفان ڪامرس ايڊوائيزر شيخ بشيرالدين، گورنر بنگلاديش بينڪ، چيئرمين سول ايوي ايشن اٿارٽي، چيئرمين ٽريڊنگ ڪارپوريشن، وائس چيئرمين ايڪسپورٽ پروموشن بيورو ۽ ٻين ادارن جا سربراهه شامل هئا. ملاقاتن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي واپار، سرمايه ڪاري ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي زور ڏنو ويو.

پنھنجي راءِ لکو