ڪراچي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ۽ غبن جو انڪشاف ٿيو آهي. ليڪچرار، وٽرنري ڊاڪٽر ۽ سيڪنڊري اسڪول ٽيچرز جي جاين لاءِ ورتل امتحانن ۾ مبينا طور اصل ميرٽ کي پاسي تي رکي رشوت ۽ سياسي سفارش تي آرڊر جاري ڪيا ويا. ذريعن موجب 60 سيڪڙو کان وڌيڪ اميدوارن کي 80 لک رپيا رشوت ڏيڻ ۽ سياسي سفارش ذريعي پاس قرار ڏنو ويو. لسٽن ۾ ڪيترائي اهڙا نالا شامل آهن، جيڪي 40 مارڪن کان به گهٽ نمبر کڻي آيا، پر پوءِ به ميرٽ لسٽ ۾ شامل ٿي ويا. دادو جي ميهڙ تعلقه واسڻ تحمينا شاهه، جيڪا مبينا طور امتحان ۾ ويٺي ئي نه هئي، لسٽ ۾ ڏهين نمبر تي ڪامياب ظاهر ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي بااثر مڙس ۽ صوبائي وزير جي معرفت 80 لک رشوت ڏئي نه رڳو پاس ٿيڻ جو درجو حاصل ڪيو پر ليڪچرار جي آفر آرڊر به وٺي ورتو. ساڳيءَ طرح سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو جام جي جعلي ڊگري رکندڙ اميدوارا اماره خانزاده کي به ڪامياب قرار ڏئي وٽرنري ڊاڪٽر جي پوسٽ تي مقرر ڪيو ويو. ان بابت سوشل ميڊيا تي واويلا ٿيڻ بعد ڊگري جي تصديق لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. معذور ڪوٽا تي به ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي. صحتمند اميدوار شبیر ولد نظير، جنهن صرف 37 نمبر حاصل ڪيا هئا، کيس واءِ وا ۾ 51 نمبر ڏئي ڪل 88 نمبرن سان ڪامياب ظاهر ڪيو ويو. ليڪچرار لاءِ تيار ڪيل لسٽن ۾ غزل روحين، ڪاشف علي ۽ صبا پروين جهڙا نالا به شامل آهن، جن مبينا طور رشوت ڏيڻ کان پوءِ آفر آرڊر حاصل ڪيا. هن وڏي اسڪينڊل کان پوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي شفافيت تي ڳرا سوال اڀري آيا آهن ۽ هزارين ميرٽ تي ويٺل اميدوارن جي حق تلفي ٿي آهي.
