پلاٽ جي مالڪي تي تڪرار؛ پيرسن پيءُ اڳوڻي گهرواري ۽ پٽن خلاف پريس ڪلب پهتو

صدر محلي جو رهاڪو پيرسن خداداد رند پنهنجي اڳوڻي گهرواري ۽ پٽن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو.ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن دانهه ڪئي ته سندس ٽي پٽ ـ شوڪت رند، ر حمت الله رند ۽ الهيار عرف بابو رند ـ پنهنجي ماءُ جي چوڻ تي کيس جاني خطرا پهچائي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته “منهنجي زندگي کي خطرو آهي، اهي مونکي ختم ڪرڻ چاهين ٿا.” خداداد رند وضاحت ڪندي چيو ته هو پنهنجو ذاتي پلاٽ پنهنجي مرضي سان سردار مير بيبرگ رند کي وڪرو ڪري چڪو آهي ۽ سڀني پٽن کي جائز بنيادن تي حصو به ڏئي چڪو آهي. پر ان جي باوجود سندس پٽ اڳوڻي گهرواري جي چوڻ تي سندس خلاف ڪوڙا الزام هڻي رهيا آهن ۽ پريس ڪانفرنسن وسيلي کيس بدنام ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن. هن وڌيڪ الزام لڳايو ته سندس پٽ کيس جاني ۽ مالي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون به ڏئي رهيا آهن. خداداد رند اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي. جيڪڏهن سندس ٻي گهرواري مان پيدا ٿيل ننڍن پٽن کي ڪو نقصان پهتو ته ان جا ذميوار سندس ڄاڻايل ٽي پٽ ۽ اڳوڻي گهرواري هوندي.

پنھنجي راءِ لکو