ڪراچي/لاڙڪاڻو/سيوهڻ (نمائندا ADN) – سنڌ ۾ خوني تڪرارن ۽ ڦر مزاحمت جا واقعا نه رڪجي سگهيا. مختلف علائقن ۾ فائرنگ ۽ جهيڙن سبب 6 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 6 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ سهڙا ۾ ڦر مزاحمت دوران ڏوهارين پيءُ ۽ پٽ عبدالقادر ۽ فاروق سهڙو کي ڏنڊن سان ماريو. ٻنهي جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا. سيوهڻ ڀرسان ڳوٺ آمڙا ۾ سرڪاري روڊ جي ڪم تان آمڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. فائرنگ ۾ عورت گلزاران زال شاهنواز قتل ٿي وئي، جڏهن ته 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ملڪاڻي شريف ڀرسان ڳوٺ علي مراد پتافي ۾ وڻ مان ٽاري وڍڻ تان تڪرار ٿي پيو. ٻن ڌرين جي فائرنگ ۾ 5 ٻارن جي پيءُ نوجوان مير محمد پتافي قتل ٿي ويو. جوابدار واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويا.ساڳئي ڏينهن سوڀوديرو ويجهو ڳوٺ چاڪر خان رند ۾ نامعلوم هٿياربند هڪ گهر ۾ داخل ٿي 22 سالن جي بلال رند کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو ۽ آسانيءَ سان فرار ٿي ويا. پوليس لاش کڻائي اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. اهي سڀ واقعا امن امان جي صورتحال تي سنجيده سوال اٿاري رهيا آهن. علائقن جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ انتظاميا صرف رپورٽون تيار ڪري رهي آهي، پر جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪا سنجيده ڪوشش نظر نٿي اچي.
