ڪراچي (نمائندو ADN) – سنڌ جي اطلاعات کاتي جي وزير ۽ سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ هن وقت تائين ڪا هنگامي صورتحال پيدا ناهي ٿي، پر حڪومت هر امڪاني خطري کي نظر ۾ رکندي مڪمل تيار آهي۔ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته ڪچي وارن علائقن مان ماڻهن کي محفوظ جڳهن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، ٻيڙين ۽ ٻين سهولتن جو پڻ انتظام ڪيو ويو آهي، جيئن ٻوڏ جي صورت ۾ ڪنهن به شهري کي مشڪلات پيش نه اچي۔ هن وڌيڪ چيو ته: “اسان جا سڀ حفاظتي قدم مڪمل آهن، عوام کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، حڪومت ماڻهن جي هر ممڪن مدد ڪندي۔ شرجيل ميمڻ اهو به ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پنجاب حڪومت کي به هر قسم جي سهڪار ۽ مدد جي آڇ ڪئي آهي، جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت پنجاب جي عوام سان گڏ بيٺي آهي۔
