ٻوڏ بابت پريشان نه ٿيو، سڀ انتظام مڪمل آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عوام کي ٻوڏ جي حوالي سان پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، صوبائي حڪومت سمورا حفاظتي قدم کڻي چڪي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال سنگين آهي ۽ پنجاب ۾ وڏيون تباهيون ٿيون آهن، پر سنڌ حڪومت مڪمل تياري ۾ آهي. “ٻيڙين ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ٿي ويو آهي، جڏهن ته وڏي وزير هڪ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو آهي، جيڪو حالتن جو جائزو وٺي رهيو آهي،” شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو هن ٻڌايو ته بلاول ڀٽو لاڳاپيل ادارن ۽ ذميوارن سان رابطي ۾ آهي، جڏهن ته سمورن اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته 2010 جي ٻوڏ انتهائي تباهڪار هئي، ان تجربي مان سکندي هاڻي اڳواٽ اپاءُ کنيا پيا وڃن. ساڳئي وقت هن خبردار ڪيو ته قدرتي گذرگاهن تي غيرقانوني آبادي يا سوسائٽيون قائم نه ٿيڻ گهرجن، ڇو ته ڊيم ٺاهڻ سان به قدرتي آفتن کي مڪمل روڪي نٿو سگهجي.

پنھنجي راءِ لکو