نارووال پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ملڪ ۾ پاڻي جي ذخيرن لاءِ وڏن منصوبن جو اشارو ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ٻوڏ جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيڻ بجاءِ ذخيرو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهو قومي سرمايو ضايع ٿيڻ برابر آهي۔ نارووال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو: “اسان کي ٻوڏ جو پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ انفرااسٽرڪچر ٺاهڻو پوندو، ماڻهن جي زندگيون بچائڻ لاءِ هاڻي فيصلا سياست کان مٿانهون ٿي ڪري ملڪي مفاد ۾ ڪرڻا پوندا۔” صحافي سوال ڪيو ته ڇا نون ڪئنالن بابت صدر آصف زرداري يا بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهه ڪئي ويندي؟ ان تي مريم نواز چيو: “هڪ پارٽي جو نالو نه وٺنديس، پر اسان سڀني کي گڏجي فيصلا ڪرڻا پوندا، ڇو ته هي رڳو سياست نه پر ماڻهن جي زندگي ۽ ملڪ جي مستقبل جو سوال آهي۔” وزيراعليٰ وڌيڪ ٻڌايو ته اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ آبپاشي کاتي جي ٽيم کي هدايت ڏني وئي آهي ته پاڻي بچائڻ لاءِ فوري رٿابندي تيار ڪن، جيئن ايندڙ وقت ۾ سمنڊ ۾ پاڻي ضايع ٿيڻ بجاءِ ڊيم ۽ ذخيرن ۾ گڏ ٿي سگهي۔
