ڀارت طرفان پاڻي ڇڏڻ ۽ برساتن دوران وڌندڙ وهڪرن سبب پنجاب ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي آهي۔ ڪيترائي بند ٽٽڻ بعد پاڻي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ داخل ٿي ويو، فصل تباھ ٿي ويا ۽ هزارين ماڻهو محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيا ويا۔
ڀارت طرفان پاڻي ڇڏڻ ۽ برساتن دوران وڌندڙ وهڪرن سبب پنجاب ۽ سنڌ ۾ ٻوڏ وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي آهي۔ ڪيترائي بند ٽٽڻ بعد پاڻي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ داخل ٿي ويو، فصل تباھ ٿي ويا ۽ هزارين ماڻهو محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيا ويا ڪمشنر گوجرانواله ڊويزن نويد حيدر شيرازي ٻڌايو ته ٻوڏ سبب 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن مان 3 گجرات، 2 سمبڙيال، جڏهن ته گوجرانوالا ۽ نارووال ۾ هڪ هڪ ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا۔ ستلج درياءَ ۾ شديد دٻاءُ سبب بهاولپور جي ڳوٺ يوسف والا ۽ احمد والا جا عارضي بند ٽٽي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ احمد بخش ۽ ڀرپاسي واريون آباديون پاڻي ۾ گهيرجي ويون۔ سوين ايڪڙن تي پوکيل ڪپهه ۽ ٻيا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين درياءَ جي پيٽ ۾ پنهنجن گهرن ۾ ڦاٿل آهن۔ چناب درياءَ ۾ ڪوٽ مومن وٽ 6 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو داخل ٿيو، جنهن سبب زرعي زمينون ۽ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا۔ انتظاميه موجب اڄ 10 لک ڪيوسڪ جو وڏو وهڪرو ڪوٽ مومن مان گذرڻ جو امڪان آهي۔ ضلعي انتظاميه سرگودها جي ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته 2500 ماڻهن ۽ 1700 کان وڌيڪ چوپايو مال کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رليف ڪيمپس ۽ ادارا هاءِ الرٽ آهن۔ وهاڙي ۾ به ستلج درياءَ تي لڊن ڀرسان موضع نون ۾ حفاظتي بند ٽٽي پيا، جنهن سبب ڪيترائي ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻي ۾ اچي ويا۔ ساڳي وقت، راوي درياءَ ۾ هيڊ بلو وٽ پاڻي جي سطح ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، جتي ريسڪيو ٽيمون 30 کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ جڳهن تي منتقل ڪري چڪيون آهن۔ سنڌ جي نوشهروفيروز ضلعي ۾ ڪنڊيارو ڀرسان سنڌو درياءَ ۾ زمينداري بند ٽٽي پيو، جنهن سان پاڻي ڪچي جي علائقن ۾ داخل ٿي ويو۔ نتيجي ۾ سوين ايڪڙن تي پوکيل ڪپهه، تر، جوار ۽ ٻيا فصل تباھ ٿي ويا ۽ 5 ڳوٺ مڪمل طور پاڻي هيٺ اچي ويا۔ متاثر علائقن مان ماڻهن جي لڏپلاڻ جو عمل جاري آهي۔
ڇا
ڇا
