واهي پانڌي (پنهنجو ڊيسڪ) – گورک هل اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ ڄمورو ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب ٻه معصوم ڀائر دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته سندن ماءُ سخت زخمي ٿي پئي. واقعي ۾ 5 ورهين جو عبدالرزاق ۽ 8 ورهين جو قربان پٽ خالق بروهي زندگي وڃائي ويٺا، جڏهن ته سندن امڙ ڄام بيبي کي جبل مان ڪرندڙ وزني پٿر لڳڻ سبب شديد زخمي حالت ۾ تعلقه اسپتال جوهي منتقل ڪيو ويو آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته جابلو علائقن ۾ تيز برساتن کان پوءِ لينڊ سلائيڊنگ ٿي، جنهن ڪري هي افسوسناڪ حادثو پيش آيو. وارثن شڪايت ڪئي ته علائقي ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب حادثن ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن کي به وقت سر علاج نٿو ملي.
