دهشتگردي عدالت ۾ فرحان غني پيش، ريمانڊ 30 آگسٽ تائين وڌي ويو

ڪراچي (نمائندو) – دهشتگردي جي انت واري عدالت سرڪاري ملازم تي تشدد جي ڪيس ۾ گرفتار چيئرمين چنيسر ٽائون فرحان غني ۽ ٻين جوابدارن جي جسماني ريمانڊ ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. ڪيِس جي ٻڌڻي دوران جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي وڪيل وقار عباسي جوابدارن طرفان وڪالت نامو جمع ڪرايو. پراسيڪيوشن طرفان ريمانڊ ۾ واڌ جي استدعا ڪئي وئي. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ٻن ماڻهن جا 161 جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن، جنهن تي جج ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پوليس جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريا. جج جاچ آفيسر کان طنزيه انداز ۾ پڇيو ته “ڪٿي آهن اوهان جا کوجي ڪتا، زنده به آهن يا مري ويا؟” ۽ سي آءِ اي ۽ ايس آءِ يو جي ڪارڪردگي تي به سخت تنقيد ڪئي. عدالت وڌيڪ چيو ته مدعي گواهه پيش نٿو ڪري ته پوليس ڇا مدعي جي ماتحت ڪم ڪري ٿي؟ ان کان پوءِ عدالت فرحان غني ۽ ٻين جوابدارن جو جسماني ريمانڊ 30 آگسٽ تائين وڌائيندي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.


پنھنجي راءِ لکو