ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ــ سنڌ حڪومت پاران امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ فوڪل پرسن، فلڊ اينڊ رين ايمرجنسي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، صوبائي وزير سيد ناصر شاهه ۽ صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو گڊو بئراج پهتا ۽ پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو. حفاظتي انتظامن جي جائزي لاءِ گڊو بئراج ايريگيشن آفيس ۾ گڏجاڻي پڻ ٿي، جنهن ۾ ايم پي حاجي عبدالرئوف خان کوسو، صوبائي ۽ وفاقي کاتن جا لاڳاپيل اعليٰ عملدار شرڪت ڪئي. آبپاشي کاتي جي چيف انجنئير سردار شاهه ٻڌايو ته هن وقت دريائن ۾ وچولي ٻوڏ آهي. پنجند تي پاڻي پهچڻ کان پوءِ اندازو لڳايو ويندو ته گڊو بئراج تي ڪيترو پاڻي پهچندو. صوبائي وزير ڄام خان شورو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو سڀ کان وڌيڪ پاڻي چناب مان اچي رهيو آهي، جنهن کي هينئر هيڊ مرلا تي 9 لک ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. پاڻي قادرآباد پهچڻ کان پوءِ پنجاب حڪومت بئراج جي ڪيپيسٽي مطابق پاڻي کي پکيڙي رهي آهي. اندازو آهي ته گڊو بئراج تي پاڻي 2 يا 3 سيپٽمبر تي پهچندو، جڏهن پنجند تي پاڻي پهچندو آهي ته راوي ۽ ستلج جو پاڻي به واضح ٿيندو. ڄام خان شورو وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت امڪاني ٻوڏ لاءِ مڪمل تيار آهي. صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سي ايم سيد مراد علي شاهه مسلسل رابطي ۾ آهن. هن چيو ته: بندن جي نگراني 2010 واري ٻوڏ کان پوءِ مضبوط ڪئي وئي آهي، اسپرٽس لڳايا ويا آهن ۽ انتظامات مڪمل آهن ڪمشنرز کي ريليف ڪيمپس قائم ڪرڻ جون هدايتون ڏنل آهن. ڪچي واري علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن کي هائي الرٽ ڪيو ويو آهي ۽ ضرورت پوڻ تي ضلعي انتظاميه انهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪندي. وزير آبپاشي زور ڏنو ته امڪاني ٻوڏ دوران سمورا کاتا پنهنجو ڪم ايمانداري ۽ سنجيدگي سان سرانجام ڏين ته جيئن ڪنهن به قدرتي آفت کي بهتر نموني منهن ڏئي سگهجي.
