سنڌ ۾ سپرفلڊ لاءِ تياريون، بندن تي وزراءَ جون ڊيوٽيون مقرر

سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته صوبي ۾ سپرفلڊ جي تياري جاري آهي ۽ هر بند تي وزراءَ جون ڊيوٽيون مقرر ڪيون ويون آهن سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڄام خان شورو ٻڌايو ته درياهه جي وهڪري کي ويجهي نظر سان مانيٽر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پنجند وٽ پاڻي پهچڻ کان پوءِ سنڌ وٽ ٻن ڏينهن جو وقت هوندو، جڏهن ته پنجند تائين پهچڻ کان اڳ وهڪرو گهٽجي ويندو آهي. وزير آبپاشي جو چوڻ هو ته: “اسان وٽ بندن ۾ ڏاڙ وجهڻ جو ڪو به آپشن ناهي، مڪمل طور تي سپرفلڊ جي تياري ڪئي پئي وڃي. “سکر بئراج جو ڍانچو پراڻو آهي، ان جا گيٽ تبديل ڪيا پيا وڃن ۽ ايندڙ سال وڌيڪ گيٽ به تبديل ڪيا ويندا.” ام خان شورو ٻڌايو ته گڊو بئراج وٽ پاڻي جي گنجائش 12 لک ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ 9 لک 60 هزار ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ 8 لک 70 هزار ڪيوسڪ آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن بند ٽٽي ويا ته پاڻي سڌو آبادي ۾ داخل ٿي ويندو، ان لاءِ ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڪمشنرن کي ڪيمپس لڳائڻ لاءِ جڳهن جي نشاندهي ڪرڻي پئي آهي.


پنھنجي راءِ لکو