ميرپور ماٿيلو (رپورٽ) – ميرپور ماٿيلو ڀرسان ڳوٺ گل محمد کهاوڙ ۾ هڪ المناڪ خانداني سانحو پيش آيو جتي نوجوان کي سندس ئي ڀاءُ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب جوابدار روشن علي پنهنجي زال زڪيا تي ڪارنهن جو الزام لڳائي پنهنجي ڀاءُ امداد علي چڍڙ کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو. واردات بعد پوليس تيزي سان ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪيو ۽ سندس قبضي مان قتل ۾ استعمال ٿيل پسٽل پڻ هٿ ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار روشن علي ڏوهه جو اعتراف به ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڳوٺ ۾ نوجوان امداد علي جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو هو جنهن بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.
